پن ڇڻ پڄاڻان

پن ڇڻ پُڄاڻان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عظيم شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، هن ڪتاب ۾ اياز جا ٽيڙو/ ٽه سٽا درج ٿيل آهن. سمبارا پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جنوري 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو، ڪتاب جي ناشر پاران لکيو ويو آهي ته: ”ڪتاب ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنفن ۾ هيءُ هڪ نئون ۽ قابل تحسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا ڪٿي مڪمل نظم ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1985ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ ڇپيو. ٻيو ڇاپو پڪي جلد ۾، 244 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 40 رپيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو